آغا خان يونيورسٽي اسپتال

آغا خان يونيورسٽي اسپتال

آغا خان يونيورسٽي اسپتال

آغا خان يونيورسٽي اسپتال: پاڪستان جي پھرين پرائيويٽ ميڊيڪل يونيورسٽي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ آھي، ان جي منظوري حڪومت پاڪستان 16 مارچ 1983ع تي ڏني ۽ ان جو باقاعدي افتتاح 1985ع ۾ پاڪستان جي تڏھوڪي صدر جنرل محمد ضياءُالحق ڪيو. ھن يونيورسٽيءَ جو مقصد نون سائنسي علمن جي واڌاري ۽ اسرندڙ ملڪن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ انساني وسيلن جي ترقي آھي. يونيورسٽيءَ جي پھرين فئڪلٽي طب جي آھي، جنھن ۾ ھڪ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ھڪ نرسنگ اسڪول آھي. ڪاليج جو بنيادي مقصد ڊاڪٽرن ۽ سرجنن جي تعليم ۽ تربيت آھي. شروعات ايم. بي.بي. ايس لاءِ پنجن سالن جي نصاب موجب تعليم ۽ تربيت جي منصوبي سان ڪئي ويئي. يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ھڪ اسپتال به قائم آھي، جنھن جو الحاق ھڪ معاھدي تحت ھن يونيورسٽيءَ سان ٿيل آھي، پر ان جو انتظام ھڪ الڳ ڪاميٽيءَ وٽ آھي. اسپتال ۾ ساليانو 32 ھزار مريضن جي اندرين داخلا، علاج ۽ سھولتن ۽ اڍائي لک کان وڌيڪ ٻاھرين مريضن جي علاج جو بندوبست ٿيل آھي. اسپتال ۾ طب جي گرئجوئيٽ شاگردن جي تربيت کان علاوه نرسن، طبي ڪارڪنن، ٽيڪنيڪل ۽ ٻئي طبي ۽ فني عملي جي تربيت لاءِ به سھولتون مھيا ڪيل آھن.


لفظ آغا خان يونيورسٽي اسپتالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو